عشرت العباد

عشرت العباد

عشرت العباد

عشرت العباد : تيرنهن سالن جي طويل عرصي تائين سنڌ جي گورنر جو منصب رکندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد خان 2 مارچ 1963ع تي جنم ورتو. پاڻ پيدائشي پاڪستاني شهري هجڻ سان گڏ برطانوي شهريت پڻ رکندڙ آهي. هن پنهنجي تعليم ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان مڪمل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ دوران متحده قومي موومينٽ جي شاگرد تنظيم (APMSO) جي اڳــواڻ طــور ڀـرپـور ڪــردار ادا ڪيائين. گريجوئيشن کانـپـوءِ ايم. ڪيو. ايـم (MQM) جـي مـيـڊيڪـل ايـڊ ڪـاميٽيءَ جو سرپرست رهيو. 1990ع کان اڳ سنڌ حڪومت ۾ ڄام صادق عليءَ جي ڪابينا ۾ هاؤسنگ ائنڊ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. ساڳيءَ ريت مختلف وقتن تي ماحوليات ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۽ وزارتن سان به واڳيل رهيو. 1993ع ڌاري پاڻ سياسي جلاوطني سبب برطانيا هليو ويو، جتي اتر- اولهه لنڊن ۾ رهائش دوران برطانيا جي شهريت حاصل ڪيائين.
جنرل مشرف جي دور ۾ 27 ڊسمبر 2002ع تي عشرت العباد کي سنڌ جي گورنر طور اعليٰ منصب تي فائز ڪيو ويو. هي سنڌ جو پهريون نوجوان گورنر رهيو آهي. بحيثيت گورنر هي سنڌ ۾ امن امان واري صورتحال ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. هن انساني حقن جي اڳواڻ انصار برنيءَ سان گڏجي صوماليائي قزاقن وٽ يرغمال بڻيل ٻاويهه پاڪستانين کي آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندس دور ۾ ڪيترن ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿيندو رهيو ۽ ڪراچيءَ کي سهڻو ساوڪ ڀريل شهر بنائڻ لاءِ باغن جي هڪ طويل رٿا تي ڪم شروع ڪرايائين. ان ڏس ۾ 47 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل بيچ ويو (Beach View) پارڪ جي تعميراتي ڪم جي نگراني ڪئي. سندس ئي نگرانيءَ ۾ باغ ابنِ قاسم (اڳوڻو جهانگير ڪوٺاري پارڪ ويجهو جهانگير ڪوٺاري پريڊ) تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ڪلفٽن ۾ واقع آهي. هي پارڪ 27 فيبروري 2007ع تي ڪلفٽن بيچ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ تحت قائم ڪيو ويو ۽ هن پارڪ کي ملڪ (پاڪستان) جو سڀ کان وڏو پارڪ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن پارڪ جي ڪُل ايراضي 130 ايڪڙن تي ٻڌل آهي ۽ هن جي تعمير ۾ ڇهه سؤ ملين (سٺ ڪروڙ) روپيا خرچ ٿيا. سندس ئي دور ۾ لساني حوالي سان انتهاپسند گروهه طرفان نوگو ايريا (ممنون بڻيل علائقن) کي ختم ڪري عوام جي اچ وڃ کي يقيني بڻايو ويو. مسلسل ڏهن سالن تائين هن نه صرف پنهنجي پارٽي جي سياسي مسئلن تي ضابطو آندو بلڪه ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انتظامي معاملن کي به ڀرپور نموني حل ڪيو. سنڌ جي ڪنهن به مسئلي تي گورنر هاؤس ۾ سياستدانن سان ٿيندڙ گڏجاڻين ۽ اهم اجلاسن جي صدارت ڪيائين. عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جنهن سبب 9 نومبر 2016ع تي سنڌ جي گورنرشپ تان استيعفا ڏنائين. هينئر سياست کان پاسيرو آهي.


لفظ عشرت العبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.03.02  عيسوي

تيرنهن سالن جي طويل عرصي تائين سنڌ جي گورنر جو منصب رکندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد خان 2 مارچ 1963ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير محمد جعفري
حامد علي مرزا
پائلو بياجي
تماچي
جيوترام ويڙهومل مٽائي
رحمت خان گبول
عبدالمالڪ خشڪ
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
ايم ايڇ پنهور
رکيو لنڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون